ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان، ايم ڪيو ايم لنڊن جي رستي تي هلي پئي آهي. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ اڳوڻن صوبائي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو الله جو شڪر ادا ڪيون ٿا ته اسيمبلي مدو پورو ڪيو، نگران وڏي وزير جي اچڻ تائين مان خدمت جاري رکندس، اپوزيشن ۽ اسان متفق ٿي وياسين ته نگران وڏو وزير اچي ويندو، ڪنهن نتيجي تي نه پهتاسين ته اليڪشن ڪميشن وٽ معاملو ويندو. هن چيو ته اعتماد ڪرڻ تي پارٽي قيادت جا ٿورا مڃان  ٿو، 5 سال عهدي تي رهيس ۽ اهو وقت انتهائي ڏکيو رهيو پر سمورا اسيمبلي ميمبر ثابت قدم رهيا، مان کليل نموني چئلينج ڪيان ٿو ته ٽن صوبن جي ڀيٽ ۾ اسان بهتر ڪم ڪيو، اسان جي صوبي کي دشمن جي نگاهه سان ڏٺو ويو، اسان هر ڏکئي وقت ۾ ڄمي بيٺاسين ۽ سنڌ لاءِ وڙهندا رهياسين. سندس چوڻ هو ته بيورو ڪريسي کي هلائڻ جو تجربو رڳو پ پ وٽ آهي، استحڪام لاءِ بيورو ڪريسي کي ڪيئن هلائڻو آهي اسان ڄاڻون ٿا، اسان گهڻو ڪم ڪيو پر هڪ ڪم رهجي ويو، اهو آهي روزگار ڏيڻ، مڪاني چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن پابندي لاڳو ڪئي، ايم ڪيو ايم پاڪستان ايم ڪيو ايم لنڊن جي رستي تي هلي پئي آهي، ايم ڪيو ايم نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ کان روڪيو، توهان جڏهن چاهيو ته ڪنهن به شئي تي اسٽي وٺي اچو؟ ماڻهن جي گهر جا چُلها وسامڻ تي سڄي سنڌ احتجاج ڪندي. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ اسان سڀ کان وڏي جماعت بڻجي اڀرنداسين، 2018 واري صورتحال ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسين، افواهه اٿيو ته پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي چونڊ وڙهنديون، ڪا به جماعت وڏي اڪثريت حاصل نٿي ڪري سگهي، مون کي لڳي ٿو ته ايندڙ حڪومت به اتحادي ٺهندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here