وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته لاڪ ڊائون جو مطلب ماڻهن کي بُک تي رکڻ آهي، لاڪ ڊائون ڪري ملڪي معيشت کي تباهه ناهي ڪرڻو، سوچيل سمجهيل قدمن سان صورتحال مان نڪرڻو پوندو، سنڌ سرڪار ڀارت جهڙي غلطي نه ڪري. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش هئي ته لاڪ ڊائون ڪريون، سنڌ سرڪار کي رڳو ايترو چئون ٿا ته لاڪ ڊائون ڪرڻ وقت ماڻهن جي بُک ۽ ڏکيائين کي ذهن ۾ رکو، لاڪ ڊائون سان غريت ۽ پورهيت طبقو متاثر ٿئي ٿو، غريبن تائين خوراڪ پهچائڻ جا وسيلا ئي نه آهن ته لاڪ ڊائون ڪيئن ٿا لڳائي سگهون؟، لاڪ ڊائون جو مطلب ماڻهن کي بکيو رکڻ آهي، معيشت وڏين ڏکيائين مان نڪتي آهي، لاڪ ڊائون ڪري پنهنجي معيشت تباهه نه ڪنداسين، سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪري پاڪستان ۾ ڀارت جي مقابلي ۾ بهتر حالتون آهن، ڀارت کي اهو نقصان لاڪ ڊائون جي ڪري ٿيو، سنڌ سرڪار کي مخاطب ٿيندي وزيراعظم چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪريو اهڙي غلطي ڀارت ڪئي هئي جنهن ڪري ان ملڪ ۾ تباهي جو منظر آهي، ان جي معيشت کي غيرمعمولي نقصان پهتو، سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو وڃي، وزيراعظم عمران خان اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ٻن خاندانن بيدردي سان ملڪي ناڻو لٽيو ۽ ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو، انهن ماڻهن نيب جيان ٻيا ادارا به تباهه ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي ساڳئي نيب پهريون دفعو وڏين مڇين کي پڪڙيو آهي، اُن تي اپوزيشن جون رڙيون نڪري ويون، ڪرپٽ ماڻهو اين آر او نه ڏيڻ تان حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪري بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ ادارن ۾ سياسي ڀرتيون ڪري ادارن کي تباهه ڪيو ويو، پ پ اسٽيل ملز ۽ پي ٽي آءِ کي تباهه ڪيو، هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومت نواز ليگ جي هئي، اليڪشن ڪميشن ان جي مرضي جي هئي ته ڌانڌلي ڪيئن ٿي؟، وزيراعظم هائوس ۾ ويهي ڪري وزيراعظم ڌانڌلي جو الزام لڳايو، سال کان اپوزيشن چونڊ سڌارن لاءِ وقت نه ڏئي رهي آهي ۽ نه وري ڪي تجويزون ڏئي ٿي، اسان جون تجويزون به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ئي ڌانڌلي روڪي سگهجي ٿي. سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ به ٽرائلز جاري آهن. زير اعظم چيو ته مهانگائي سڀ کان وڏو مسئلو آهي، 40 سيڪڙو غريب طبقي کي مهانگائي کان بچائڻ لاءِ ڊسمبر ۾ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون، غريب شهرين کي سڌي ريت سبسڊي ڏني ويندي.
حڪومت کي 3 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن ان دوران عوام کي بک، بدحالي، مهانگائي ۽ پريشاني کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏئي سگهي صرف ڳالهين ذريعي خوابن جا گهر ٺاهي ڏنا ويا آهن، تبديلي سرڪار کي فوري طور عوام جي بهتري لاءِ ڪيل واعدا پورا ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.