ڪراچي (م ڊ) سنڌ گورنر ڪامران ٽسوريءَ سنڌ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، جنهن بعد سنڌ حڪومت ختم ۽ ڪابينا به ٽٽي وئي آهي،نگران وڏي وزير مقرريءَ تائين مراد علي شاهه وڏو وزير رهندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سعيد غني، ناصر شاهه، شبير بجاراڻي ۽ مرتضيٰ وهاب سان سان گڏجي گورنر هائوس پهچي گورنر ڪامران ٽسوريءَ سان ملاقات ڪئي ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ بابت سمري پيش ڪئي. گورنر، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سفارش تي آئين جي آرٽيڪل 112 جي شق هڪ تحت صوبائي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي.صوبائي اسميبلي ٽٽڻ سان سنڌ حڪومت ختم ۽ صوبائي ڪابينا به ٽٽي وئي آهي. سيد مراد علي شاهه نگران وڏي وزير جي مقرريءَ تائين وڏو وزير رهندو……….