اسلام آباد (م ڊ) پي ڊي ايم جماعتن نگران وزيراعظم جي مقرري جو معاملو وزيراعظم شهباز شريف تي ڇڏي ڏنو آهي. شهباز شريف طرفان اتحادي پارٽين جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ڊنر ڏنو ويو، جنهن ۾ سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. آجياڻي ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اسد محمود، اسلم ڀوتاڻي، امير حيدر هوتي، آفتاب شيرپائو، محسن داوڙ ۽ ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. سياسي اڳواڻن جي ويهڪ ۾ شهباز شريف نگران وزيراعظم جي معاملي تي مشاورتي عمل بابت سياسي اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو، ان دوران سمورن اتحادين شهباز شريف تي اعتماد جو اظهار ڪندي نگران وزيراعظم جي مقرري جو فيصلو مٿس ڇڏي ڏنو. وزيراعظم اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي چيو ته هو نگران وزيراعظم جي مقرري جي حوالي سان اڄ اپوزيشن ليڊر سان ملاقات ڪندو، قوم خوشخبري ٻڌڻ لاءِ بيتاب آهي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر طرفان موڪليل خط تي حيراني جو اظهار ڪيو چيو ته خط لکڻ کان اڳ وزيراعظم کي آئين پڙهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ آئين 8 ڏينهن جو وقت ڏئي ٿو، حيرت آهي ته صدر صاحب کي ڪهڙي ڳالهه جي تڪڙ آهي………