اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ، سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽس ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽس ايڪٽ ڪيس جو گڏيل فيصلو ٻڌائيندي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اپيل جو حق ڏيڻ واري پارليامينٽ جي ترميم رد ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ موجب ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽس ايڪٽ بابت ڪيس ۾ جسٽس منيب اختر اضافي نوٽ به لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ريويو ايڪٽ پارليامينٽ جي قانون سازي جو اختيار اورانگهڻ آهي، سپريم ڪورٽ ريويو ايڪٽ جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي تنهنڪري ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو. ۽ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر جي ٽي رڪني بينچ سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽ ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.جسٽس منيب اختر اضافي نوٽ ۾ لکيو ته پارليامينٽ جو قانون سازي ۽ سپريم ڪورٽ وٽ رولز بڻائڻ جا اختيار برابر آهن، سادي قانون سازي سان سپريم ڪورٽ رولز کي غير اثرائتو نٿو ڪري سگھجي، رولز ۾ تبديلي عدليا جي آزادي جي ابتڙ آهي.ريويو ايڪٽ ۾ آرٽيڪل 184 ٿري جي ڪيسن جي فيصلن خلاف متاثر ڌرين کي اپيل جو حق ڏنو ويو هو.سپريم ڪورٽ ريويو آف ججمينٽس اينڊ آرڊرز ايڪٽ جي خلاف درخواستن تي فيصلي لاءِ عدالت ڌرين کي اليڪٽرانڪ نوٽيس موڪليا هئا.واضح رهي ته 19 جون تي چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل بينچ ڪيس جون 6 ٻڌڻيون ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here