ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پوليس جي ننڍن ٿاڻن کي وڏن ٿاڻن ۾ ضم ڪرڻ ۽ ننڍن ٿاڻن کي چيڪ پوسٽن ۽ رپورٽنگ سينٽرن ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس اي آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو سميت ٻين آفيسرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس اسٽيشنن ۾ پوليسنگ جي سطح کي نه رڳو درست ڪيو وڃي پر ان تحت سمورن مثبت ۽ فائديمند قدمن کي وڌايو وڃي. آءِ جي سنڌ چيو آهي ته پوليس جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ يا مضبوط ڪرڻ لاءِ انتظامي ۽ مالياتي معاملن کي وڌائڻو پوندو.   آءِ جي سنڌ اي آءِ جي ڪراچي جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙيندي چيو ته ننڍن پوليس اسٽيشنن کي وڏن ٿاڻن ۾ ضم ڪرڻ، ننڍن پوليس اسٽيشنن کي چيڪ پوسٽن يا رپورٽنگ سينٽرز ۾ تبديل ڪرڻ بابت جامع سفارشن تي مشتمل مسودو تيار ڪري موڪليو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here