ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پنهنجي الوداعي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته مون سميت منهنجي ڪابينا ۽ پارٽي جا سمورا ايم پي اي عزت ۽ احترام سان عوام وٽ واپس وڃي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته اسان ڏکئي وقت انهن سان گڏ بيٺل هئاسين ۽ پنهنجي وس آهر بهترين خدمت ڪئي. اجلاس ۾ سمورن وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، ڪوآرڊينيٽرن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 2018ع ۾ سندس حڪومتي دور جي شروعات ۾ وفاقي حڪومت (پي ٽي آءِ) سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي رهنمائيءَ ۾ عوام جي مسلسل خدمت جاري رکي. مراد شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس دوران بدترين سازشون ڪيون ۽ عوام ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جي پيدا ڪيو. ۽ وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ عوام کي بچائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبو ڪروناوائرس جي نقصانن مان اڃا ٻاهر نڪتو ئي هو ته 2022 جي ٻوڏ لڳ ڀڳ سڄي صوبي کي متاثر ڪيو. هن چيو ته سندس ٻوڏ جي پاڻي کي ڏسڻ کانپوءِ انکي ڪڍڻ جي اميد ختم ٿي وئي هئي پر ڪابينا ميمبرن، پارٽي ڪارڪنن ۽ قيادت ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ آخرڪار ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿياسين ۽ ڪڻڪ جو فصل پوکي وئي. مراد شاهه چيو ته اسان ضرورت کان وڌيڪ رڪارڊ ڪڻڪ جي فصل پوکي آهي ۽ هاڻ ڪپهه جو رڪارڊ فصل لهي رهيو آهي. هن چيو ته اسان سڀ پارٽي قيادت، وزير، صلاحڪار، خاص مددگار، ڪوآرڊينيٽر، ايم پي ايز ۽ پارٽي ورڪر ٻوڏ متاثرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا رهياسين ۽ ٻوڏ سٽيلن جي تباهه ٿيل گهرن جي بحاليءَ سان گڏ سندن زمينن جو مالڪ پڻ بڻائي رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته اسان عزت، وقار ۽ سڪون سان پنهنجي عوام ڏانهن واپس وڃي رهيا آهيون جو اسان عوام جي خدمت ڪئي آهي. وڏي وزير پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن، موجوده چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه جو سهڪار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هن سيڪريٽريز، صوبائي سرڪاري ادارن جي اڳواڻن، وزيراعليٰ هائوس جي عملي ۽ سندس ماتحت ڪم ڪندڙ سمورن ماڻهن جو به شڪريو ادا ڪيو. صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سنڌ جي وڏي وزير جي ڪارڪردگي، سنڌ جي عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ سندس موقف ۽ پي ٽي آئي جي وفاقي حڪومت هٿان نيب ۽ ٻين ادارن پاران هراسان ڪرڻ تي سندس سپورٽ کي ساراهيو. ڪابينا جي هر ميمبر وڏي وزير کي سندس خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ڪابينا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران جاري ڀرتي واري عمل ۽ ڊونر ايجنسين جي سهڪار سان شروع ڪيل ترقي يافته منصوبن ۾ ضروري ڀرتين کانسواءِ سمورين ڀرتين تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ گروپ فوٽو پڻ ورتو.