اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ نظرثاني جي نئين قانون رويو آف ججمنٽس اينڊ آرڊرز ايڪٽ ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائيندي. سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ 19 جون تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.پنجاب اليڪشن ڪيس ۾ حڪومت رويو آف ججمنٽس اينڊ آرڊرز ايڪٽ پيش ڪري بينچ تي اعتراض واريو هو.چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ فيصلو محفوظ ڪيو هو، بينچ ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس اعجاز الاحسن شامل هئا. ريويو آف ججمنٽس اينڊ آرڊر ايڪٽ جي تحت عوامي مفاد جي ڪيس ۾ نظرثاني اپيلون لارجر بينچ ٻڌندي…