لنڊن (م ڊ) مسلم ليگ ن جو قائد نواز شريف واپس لنڊن پهچي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏيڍ مهيني کان وڌيڪ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ۾ گذارڻ کانپوءِ نواز شريف لنڊن واپس اچي ويو آهي. ان عرصي دوران هن ٽن يورپي ملڪن جو به دورو ڪيو هو. ذريعن موجب، شهباز شريف جي لنڊن ۾ نواز شريف سان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ملاقات طئي ٿيل آهي جنهن ۾ ن ليگ جي قائد جي وطن واپسي جي پلان تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. واضع رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف چيو هو ته نواز شريف ايندڙ مهيني پاڪستان ايندو ۽ قانون آڏو پيش ٿيڻ کانپوءِ چونڊ مهم هلائيندو……….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here