تهران (م ڊ) ايران ۽ امريڪا وچ ۾ قيدين جي آزادي جي معاهدي تحت امريڪا امريڪا جي 5 شهرين کي جيل مان آزاد ڪري گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو. امريڪي ميڊيا موجب، امريڪي عملدار شهرين جي آزادي جي تصديق ڪندي چيو ته ايران ۾ قيد امريڪي شهري هن وقت گهرن ۾ نظربند آهن، کين وطن واپس آڻڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن.آزادي کانپوءِ نظر بند ڪيل 5 قيدين مان ٽن جا نالا سيامڪ نمازي، عماد شرغي ۽ مراد طهباز ٻڌايا ويا آهن جڏهن ته ٻن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي. امريڪي پرڏيهي وزي انٽوني بلنڪن چيو آهي ته 5 امريڪين جي آزادي جي معاهدي جو ايران تي لڳل پابندين سان تعلق نه آهي، پابندين ۾تهران کي ڪنهن به قسم جو رليف نه ڏنو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here