اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي ۽ وفاقي ڪابينا ٽوڙڻ کانپوءِ وفاقي سطح تي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائي ڇڏي. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ وفاقي ڪابينا ٽٽي چڪي آهي، نگران سيٽ اپ ٺهڻ تائين هر قسم جي مقرري ۽ بدلي کان پاسو ڪيو وڃي.خط جي متن ۾ لکيو ويو ته نگران وزيراعظم ۽ ڪابينا جلد جوڙي ويندي. خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ وڏي پيماني تي ٽرانسفر پوسٽنگ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي، نگران حڪومت اچڻ تائين اهڙي عمل کان پاسو ڪيو وڃي.اليڪشن ڪميشن خط ۾ چيو آهي ته نگران حڪومت جي قيام کانپوءِ قانون ۽ پاليسي موجب ٽرانسفر پوسٽنگ ٿي سگهي ٿي…….