ڪراچي (م ڊ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لياري پيپلزپارٽي جو ڳڙهه آهي، سندن لياري سان رشتو هميشه قائم رهندو. صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب لياري ۾ سبزواري پارڪ ۽ لياري گيٽ آف وال جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته لياري پيپلزپارٽي جو ڳڙهه آهي، لياري سان سندن رشتو هميشه قائم رهندو، هو شهر جون روشنيون بحال ڪندا. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي ترقي جو دارو مدار ڪراچي جي ترقي تي آهي، سڀني کي گڏجي شهر جي خدمت ڪرڻي پوندي. تقريب دوران لياري جي جيالن جيئي ڀٽو ۽وزيراعظم بلاول ڀٽو جا نعرا پڻ هنيا. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ نبيل گبول، سينيٽر يوسف بلوچ، خليل هوت، ڪرمالله وقاصي، شڪيل چوڌري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here