شهيد بينظير جي قتل بابت نوان انڪشاف

آمريڪا جي ڳجهي اداري سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر جارج بش جي انتظاميا خاص طور تي اڳوڻي نائب صدر ڊڪ چيني بينظير ڀٽو سميت آمريڪا مخالف عالمي سياسي اڳواڻن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هڪ ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب آمريڪي انٽيليجنس ادارن جي ڪيترن ئي اڳواڻن ٻڌايو آهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر جارج بش جي دور ۾ سي آءِ اي جي هڪ ٽيم جوڙي وئي جنهن آمريڪا جي مفادن جي خلاف ڪم ڪندڙ ۽ آمريڪا مخالف سياستدانن کي نشانو بڻايو. هنن هڪ نالو خاص طور تي ٻڌايو جيڪو پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جو آهي جنهن کي آمريڪا جي سياستدانن کي قتل ڪرڻ واري هن خاص پروگرام تحت نشانو بڻايو ويو. ٻيو نالو جونس سويمبي جو آهي جيڪو انگولا جي سياسي پارٽي نيشنل يونين فار دي ٽوٽل انڊيپنڊينس آف انگولا يا يونيٽا جو اڳواڻ هو. جنهن کان آمريڪا جو نائب صدر ڊڪ چيني ڪاوڙيل هو. ان جو سبب هو ته انگولا آمريڪا کي تيل فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ هو. ۽ سويمبي ملڪ ۾ بغاوت ڪئي هئي. ٽي رپورٽر جو چوڻ هو ته اهو تمام سنجيده مسئلو آهي. ٻئي طرف اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ڊڪ چيني ان ڊيٿ اسڪواڊ جي معلومات آمريڪا جي ڪانگريس کي ڏيڻ تي به 8 سالن جي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. انٽيليجنس اداري جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ڊڪ چيني ملوث هو. رپورٽ موجب سي آءِ اي بينظير ڀٽو جي قتل بابت ڄاڻ کي 8 سالن لاءِ ڳجهو رکيو ۽ اها معلومات ڳجهو رکڻ جو حڪم سڌي ريت ڊڪ چيني ڏنو هو. هن انٽيليجنس ڪميونٽي تي به دٻاءُ وڌو ته ان معاملي بابت ڳجهي معلومات فراهم ڪري. رپورٽ موجب دهشتگردي مخالف پروگرامن جي معلومات چيني صدر ۽ وائٽ هائوس جي ڊپٽي چيف آف اسٽاف جي حڪمن تي ڪانگريس کان ڳجهي رکي. ٻئي طرف نيويارڪ ٽائيمز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي بچاءُ واري وزير ليون ايڊورڊ پينيٽا سينيٽ ۽ هائوس آف رپريزنٽيٽوز جي انٽيليجنس ڪاميٽي کي ٻڌايو هو ته ان معاملي جي سڌي ڄاڻ رڳو ٻن ڄڻن کي هئي. ڊڪ چيني جي رپورٽ تي ڪانگريس فيصلو ڪيو ته ان معاملي کي ڳجهو رکيو وڃي ته جيئن اهو راز رهي ته بش انتظاميا اهڙو ڪو پروگرام جوڙيو آهي ۽ ان کي اوليت جي بنياد تي ڳجهو رکيو ويو.

شهيد بينظير جي قتل بابت سي آءِ اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جي بيان نوان بحث شروع ڪري ڇڏيا آهن هن بيان هڪ نئين جاچ ڪرائڻ جو رستو کولي ڇڏيو آهي جنهن لاءِ عالمي ادارا پنهنجو ڪردار نڀائن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here