ڪراچي (م ڊ) ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 4 آگسٽ تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ 12 ڪروڙ 46 لک ڊالر گهٽ ٿي ويا. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 4 آگسٽ تائين مجموعي ذخيرا 13 ارب 33 ڪروڙ 91 لک ڊالر رهيا. ذخيرا 4 آگسٽ تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي ۾ 12.46 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿيا، اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 11.04 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿي 8 ارب 4 ڪروڙ ڊالر رهيا، ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 1.42 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿي 5.29 ارب ڊالر رهيا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here