اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو ۽ مشاورتي ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي وئي. وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو ته ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي پر اڃا تائين ڪنهن نالي تي اتفاق ناهي ٿي سگهيو، فيصلو ٿيو آهي ته اڄ  وري هڪ ويهڪ ٿيندي.هوڏانهن وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ۾ نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت جو پهريون دور ٿيو، فيصلو ڪيو ويو آهي ته قومي معاملي تي وڌيڪ سوچ ويچار کانپوءِ اڄ 12 آگسٽ تي ٻيهر مشاورت ڪئي ويندي.پڌرائيءَ موجب مخالف ڌر اڳواڻ کي نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ مشاورت بابت ملاقات جي دعوت ڏني هئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here