اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جڏهن سائفر جو معاملو سامهون آيو ته موجوده پرڏيهي سيڪريٽري ان وقت آمريڪا ۾ اسان جو سفير هو، پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ان جي ڊونلڊ لو سان ملاقات ٿي، گفتگو ۾ سازش جو پري پري تائين ذڪر نه هو. هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ٻين اعليٰ اختيارين به تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان خلاف ڪا پرڏيهي سازش ناهي ٿي، تحريڪ انصاف چيئرمين جي ڪهڙي ڳالهه تي يقين ڪيون؟ ان ڳالهه تي ته آمريڪا سازش ڪئي يا نه ڪئي، هو ننهن کان چوٽيءَ تائين ڪوڙو آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو سائفر ڊرامو هڪ وڏو ڏوهه هو، تحريڪ انصاف حڪومت سعودي عرب سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي مجرماڻي ڪوشش ڪئي، سعودي حڪومت خلاف هڪ بلاڪ ٺاهي ان کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.واضح رهي ته آمريڪي ويب سائيٽ دي انٽرسيپٽ سائفر جي متن کي شايع ڪندي خبر ۾ لکيو ته ان سائفر سان پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت ڪيرائڻ پويان آمريڪي دٻاءُ نظر اچي ٿو، ڇو ته آمريڪي سفارتڪار اهو بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي ته سڀ ڪجهه معاف ڪيو ويندو.آمريڪي ويب سائيٽ جي رپورٽ بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جي ٻن اجلاسن جو حوالو ڏنو، جيڪي سائفر تڪرار تي ٿيا هئا. سندس موجب هڪ ملاقات ۾ اڳوڻي سفير پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد واضح طور تي چيو ته ڊونلڊ لو سان ملاقات ۾ ڪنهن سازش تي ڳالهه نه ٿي پر آمريڪي ويب سائيٽ تي شايع سائفر جو مواد اچ آهي ته اهو هڪ وڏو ڏوهه آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here