A health official takes a swab sample of a child who returned from Pakistan at a COVID-19 coronavirus testing center, in Srinagar on Friday

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 62 ڄڻا فوت ٿي ويا اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 62 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ ڪرونا وگهي فوتگين جو ڪل انگ 23422 ٿي ويو آهي ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جون 56 هزار 965 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 5026 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي، اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسن جو انگ 10 لک 34 هزار 837 ٿي ويو جڏهن ته ڪرونا هاڪاري ڪيسن جي شرح اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ 8.82 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي ڪرونا وائرس جي خلاف هي احتياطي اپاءُ اختيار ڪرڻ سان هن وبا جي خلاف جنگ کٽڻ آسان ٿي سگهي ٿي صبح جو وقت اس ۾ گذارڻ گهرجي ڪمرن کي بند ڪري نه ويهو پر دروازا دريون کولي ڇڏيو ۽ هلڪي اس ڪمرن ۾ اچڻ ڏيو بند ڪمرن ۾ اي سي هلائي ويهڻ بدران پکي جي هوا ۾ ويهو سج جي ڪرڻن ۾ موجود يو وي شعاع وائرس جي بيروني ساخت تي اڀريل پروٽين کي متاثر ڪن ٿيون ۽ وائرس کي ڪمزور ڪري ڇڏين ٿيون گرمي پڌ يا گرمي جي وڌيڪ هجڻ سان وائرس تي ڪوئي اثر نٿو ٿئي پر يو وي شعاع وڌيڪ پوڻ سان وائرس ڪمزور ٿي وڃي ٿو. پاڻي گرم ڪري ٿرماس ۾ رکو ۽ هرهڪ ڪلاڪ کان پوءِ اڌ ڪپ نيم گرم پاڻي پيو، وائرس سڀ کان پهريان ڳلي ۾ انفيڪشن ڪري ٿو ۽ اتان ڦڦڙن تائين پهچي وڃي ٿو گرم پاڻي جي استعمال سانوائرس ڳلي کان مادي ۾ هليو وڃي ٿو جتي وائرس پنهنجو اثر وڃائي ويهي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here