اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ وسيلن ۽ صلاحيتن جي گهٽتائي نه آهي، سڀني کي پاڪستان جي خوشحالي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڪوشش ڪئي ته وسيلن کي ممڪن حد تائين بچائي سگهجي، وفاقي ڪابينا رضاڪاراڻي طور تي فيصلو ڪيو ته اسان پگهارن، مراعتن ۽ مهانگيون گاڏيون استعمال نه ڪنداسين. هو وزيراعظم هائوس ۽ آفيس جي عملي جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن ۾ حوصلا افزائي سرٽيفڪيٽ ورهايا. ان موقعي تي وزيراعظم هائوس ۽ آفيس جي عملي پاران وزيراعظم کي ان جو پورٽريٽ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 16 مهينن دوران مدد ۽ رهنمائي تي وزيراعظم هائوس ۽ آفيس جي سموري عملي جا ٿورا ادا مڃان ٿو. اهي سمورا ملازم پاڪستان جي خدمت جي لاءِ مقرر آهن. هر شعبي ۽ رخ ۾اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خدمت ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اڄ اهو وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍي خوشحالي طرف وٺي وڃڻ جي لاءِ جيتري قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ محنت جي اڄ ضرورت آهي شايد گذريل 75 سالن ۾ ڪڏهن نه هئي. اڄ پاڪستان ۾ شدت سان اهو احساس موجود آهي ته جنهن مقصد جي لاءِ پاڪستان وجود ۾ آيو، اسان جي ابن ڏاڏن قربانيون ڏنيون، قائداعظم جي سربراهي ۾ آزادي جي تحريڪ هلائي، اهي ڪوششون ۽ قربانيون هڪ اهڙي پاڪستان جي لاءِ ڏنيون ويون جتي سڀني کي پنهنجي پنهنجي صلاحيت ۽ محنت موجب ترقي جا برابر موقعا ميسر هجن، بدقسمتي سان قائداعظم جي لاڏاڻي کانپوءِ اسان ان رستي تان ڀٽڪي وياسين. وزيراعظم چيو ته اڄ وقت اچي ويو آهي ته فيصلو ڪريون ۽ ان عزم کي تجديد ڪريون ته اسان قرآن ڪريم ۽ نبي ﷺجي تعليم، قائداعظم ۽ علامه اقبال جي مشن جي تڪميل جي لاءِ متحد ٿيون ۽ هڪ لڙي ۾ پوئجي اسان پاڪستان جي خدمت ڪريون ته ايندڙ سالن ۾ نه رڳو اسان کي قرضن مان ڇوٽڪارو ملي پر پنهنجي پيرن تي بيهون. الله اسان کي اها صلاحيت ۽ هدايت ڏي ته اسان پاڪستان کي خوشحال بڻائي ڇڏيون. وزيراعظم چيو ته اهو ڪم مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي. ان جي لاءِ تمام گهڻي قرباني، ايثار ۽ ڏينهن رات محنت گهربل آهي. وزيراعظم چيو ته مون وزيراعظم هائوس ۾ ڪوشش ڪئي ته وسيلن کي ممڪن حد تائين بچائي سگهجي. اسان جي معاشي صورتحال کي وڏا چئلينجز درپيش هئا. اڄ کان ڪجهه مهينا اڳ ڪابينا رضاڪاراڻي طور تي فيصلو ڪيو ته اسان پگهارن، مراعتن ۽ مهانگيون گاڏيون استعمال نه ڪنداسين. بي شمار وزير ان فيصلي کي کڻي اڳتي هليا جڏهن ته ڪجهه وزيرن چيو ته اسان جي معاشي حالت اهڙي نه آهي جو ان کانسواءِ گذارو ٿئي ان جي لاءِ اسان کي اجازت ڏيو ته اسان پگهارون وٺون جنهن تي مون انهن کي چيو ته ان لاءِ ڪابه پابندي نه آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان پاڪستان جي وسيلن کي بچائي انصاف جي طريقي سان غربت، بيروزگاري ۽ ناخواندگي جي لاءِ استعمال ڪريون ته اسان کي ڪٿان به قرض وٺڻ جي ضرورت نه آهي. پاڪستان کي الله معدنيات جي بي پناهه دولت ڏني آهي. اسان کي زرخيز زمين، جبل، درياءَ عطا ڪيا آهن، قابل ماڻهو ڏنا آهن. کوٽ رڳو ڪم ڪرڻ جي آهي جيڪڏهن اسان ڪم کي پنهنجو ويزن بڻائي ڇڏيون ته نه رڳو جيڪو وقت وڃايو ۽ نقصان کنيو آهي ان کي پورو ڪنداسين پر ايندڙ وقتن ۾ عالمي دنيا ۾ ڪنڌ کڻي هلنداسين. اهو تڏهن ممڪن آهي ته اسان هڪ قومي بڻجي فيصلو ڪريون ته اسان کي پنهنجي تقدير بدلائڻي آهي. هن چيو ته هاڻي نگران وزيراعظم ايندو، اسان کي انهي محنت ۽ لڳاءُ سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون آهن، اها ئي ان جي گهرج آهي. اميد آهي ته ايندڙ وقتن ۾ جيڪي حڪومتون اينديون اهي پاڪستان جي ڀرپور خدمت ڪنديون.