اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت کنڊ جي رٽيل ۽ ايڪس ملز پرائس ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي تفصيل موجب وفاقي حڪومت کنڊ جي رٽيل ۽ ايڪس ملز قيمت 126 پئسا في ڪلو تائين وڌائي ڇڏي آهي هن واڌ کان پوءِ کنڊ جي رٽيل قيمت 28.24 رپين مان وڌائي 89 رپيا 50 پئسا في ڪلو ڪئي وئي کنڊ جي ايڪس مل ريٽ 83.22 مان وڌائي 54.50 رپيا في ڪلو ڪئي وئي آهي صنعت ۽ پيداواري واري وزارت کنڊ جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن مطابق سيلز ٽيڪس سميت کنڊ جو نئون ايڪس مل اگهه 84.50 رپيا في ڪلو هوندو نوٽفڪيشن مطابق کنڊ جي وڌ کان وڌ رٽيل قيمت 89 رپيا 50 پئسا في ڪلو مقرر آهي. نوٽيفڪيشن مطابق کنڊ جون نيون سرڪاري قيمتون فوري طور لاڳو ٿينديون کنڊ جون نيون قيمتون 15 نومبر 2021 تائين لاڳو رهنديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here