اسلام آباد (م ڊ) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائيس تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي آهي. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ بابت سمري تي صحيح ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي جي ٽٽڻ کانپوءِ وفاقي ڪابينا به ختم ٿي وئي آهي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف طرفان قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري صدر عارف علوي کي موڪلي وئي هئي جنهن ۾ نگران حڪومت جوڙڻ جي به درخواست ڪئي وئي هئي. قومي اسيمبلي ٽٽڻ سان گڏ وفاقي حڪومت ۽ وفاقي ڪابينا به ختم ٿي وئي آهي جنهن کانپوءِ آئين موجب نوي ڏينهن اندر چونڊون ٿينديون. آئين موجب، اسيمبلي ٽٽڻ بعد اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 224 ون تحت اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪندي، عام چونڊن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن تحت 14 ڏينهن اندر نتيجن جو اعلان ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف نگران وزيراعظم جي مقرر تائين وزيراعظم رهندو……

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here