ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته توشه خانه تحفا لڪائڻ تي وڌيڪ سياستدانن کي سزا ٿي سگهي ٿي عوام سمورين سياسي پارٽين کي آزمائي چڪو آهي هاڻي انهن مان جند ڇڏائڻي پوندي خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي فيصل واوڊا چيو ته هن ملڪ ۾ قياس آرايون تمام گهڻيون ٿين ٿيون نگران وزيراعطم جي نالي تي سنجيده ڳالهه ٻولهه هاڻي ٿي ئي نه آهي شهبازشريف اسيمبلي جي تحليل جي ٻه کان 3 ڏينهن وزيراعظم ٿي سگهي ٿو هن چيو ته ملڪ هلائيندڙن جي ڪائي ساک نه آهي عوام سياسي پارٽين کي آزمائي چڪو آهي ايڪسپائر ليڊرز کي ڪيئن برداشت ڪيو وڇي اهرن ليڊرز جي اولادن کي به برداشت ڪرڻو پوندو ڇا اسان وٽ ڪا ٻي چوائس نه آهي اڳوني وفاقي وزير چيو ته 24 ڪروڙ آبادي ۾ ڇا شفاف قيادت نٿي ملي سگهي ماضي ۾ سمورين چوندن ۾ ڌانڌلي ٿيندي رهي اهي پي ٽي آئي ۽ پي ڊي ايم پاڪستان کي ڇا ڏنو سياستدانن کي 40 سالن جو تجربو ڪهڙي ڪم جو آهي ان تي ڀروسو ڪريون جيڪي 30 سالن ۾ مسئلا حل نه ڪري سگهيا هن چيو ته پي ٽي آئي چيئرمين بند گهٽي ۾ وڃي چڪو آهي عمران خان سخت ڄار ۾ ڦاسي چڪو آهي پي ٽي آئي چيئرمين اليڪشن ۾ نظر نٿو اچي هي پلان نوازشريف، خواجه آصف ۽ شاهد خاقان عباسي تي پورو لهي ٿو انهن سڀني سياستدانن توشه خانا مان تحفا ورتا عوام کي ۽ سياستدانن کي ماضي نه وسارڻ گهرجي توشه خانه تحفا لڪائڻ تي وڌيڪ سياستدانن کي سزا ٿي سگهي ٿي.