ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي واهپيدارن تي بجلي بم ڪيرايو ويو مهيني وار فيول پرائيز جي مد ۾ 2 رپيا 31 پئسا في يونٽ واڌ جي منطوري ڏني وئي نيپرا هڪ مهيني لاءِ اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو ڪي اليڪترڪ 2 رپيا 34 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي نوٽيفڪيسن مطابق ڪراچي وارن لاءِ واڌ آگسٽ جي مهيني جي بلن تي لاڳو ٿيندي واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي سمورن واهپيدارن ماسواءِ لائف لائن ۽ اليڪٽرڪ ويڪل چارجنگ اسٽيشنز تي ٿيندي نيپرا اٿارٽي 26 جولاءِ تي فيول پرائز ايڊجسٽمنٽ تي ٻڌڻي ڪئي هئي ڪي اليڪٽرڪ کان پوءِ سرڪاري ڊسڪوز واهپيدارن کي به هاءِ وولٽيج جو جهٽڪو ڏنو ويو سرڪاري ڊسڪوز جي واهپيدارن لاءِ بجلي هڪ رپيو 81 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي نيپرا سرڪاري ورهائيندڙ ڪمپنين جي صارفن لاءِ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو نوٽيفڪيشن مطابق اضافو سرڪاري ڊسڪوز جي مهيني وار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪيو ويو سي پي پي اي هڪ رپيو 88 پئسا في يونٽ واڌ جي نيپرا کي درخوست ڪئي هئي نيپرا اٿارٽي 26 جولاءِ تي ايف سي اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي هئي نوٽيفڪيشن مطابق واڌ رڳو آگسٽ جي بلن تي لاڳو ٿيندي. ورهائيندڙ ڪمپنين جي واهپيدارن تي 24 ارب جو واڌو ٻوجهه پوندو ڪي اليڪترڪ واهپيدارن کي 4 ارب 30 ڪروڙ اضافي ڏيڻا پوندا.