لاهور (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ۽ افغانستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فهيم اشرف، طيب طاهر ۽ سعود شڪيل کي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق ايشيا ڪپ لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ ۽ افغانستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. سعود شڪيل کي افغانستان خلاف سيريز لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ هو ايشيا ڪپ جي 17 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل نه آهي. افغانستان خلاف اعلانيل اسڪواڊ ۾ بابر اعظم( ڪپتان ) شاداب خان ( نائب ڪپتان ) عبدالله شفيق، فخر زمان، امام الحق، سلمان علي آغا، افتخار احمد، طيب طاهر، ۽ سعود شڪيل شامل آهي. انکانسواءِ فهيم اشرف، حارث رئوف، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي به ٽيم جو حصو آهن. ايشيا ڪپ لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، عبدالله شفيق، فخرزمان، امام الحق، سلمان علي آغا، افتخار احمد، طيب طاهر، محمد رضوان( وڪيٽ ڪيپر) محمد حارث ( وڪيٽ ڪيپر ) شاداب خان ( نائب ڪپتان ) محمد نواز، اساما مير، فهيم اشرف، حارث رئوف، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، سليڪٽرن هن سال اپريل مئي ۾ نيوزيلينڊ خلاف پنج ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻ واري اسڪواڊ ۾ ٻه تبديليون ڪيون آهن، طيب طاهر ۽ فهيم اشرف کي شان مسعود ۽ احسان الله جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ سعود شڪيل کي به اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي. پي سي بي موجب، فهيم اشرف جي ٻن سالن کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، فاسٽ بالنگ آل رائونڊر جي حيثيت ۾ سندس موجودگي سان ٽيم ۾وڌيڪ توازن ايندو، هو آخري ڀيرو جولاءِ 2021ع ۾ انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز کيڏيو هو.