پ پ جي چيئرمين جي قومي اسيمبلي ۾ ڪيل ڳالهين جو جائزو وٺڻ به ضروري بڻجي ويو آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ائين لڳي ٿو ته اسان جي وڏن فيصلو ڪيو آهي ته جيئن 30 سال انهن ڀوڳيو آهي اسان به اڳتي هلي اها سياست ڪريون، ملڪ جا نوجوان ان روايتي سياست کان تنگ اچي چڪا آهن، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ايوان ۾ گار گند ۽ بدتهذيبي جي سياست نه ڪئي آهي،  جڏهن اسان اپوزيشن ۾ هوندي به پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي مخالفت ڪندا هئاسين ته جمهوري دائري ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين، اسان اپوزيشن ۾ هوندي ڌانڌلي جي خلاف احتجاج ڪندا هئاسين ۽ مڙهيل حڪومت کي بي نقاب ڪرڻ چاهيو پئي پر هر وقت  اسان جي ذهن ۾ هوندو هو ته اسان کان اهڙو ڪم نه ٿئي جنهن سان سسٽم کي نقصان پهچي، جمهوريت کي ڌچڪو لڳي ۽ ٽئين قوت يا غير جمهوري قوت فائدو وٺي، هن چيو ته اسان پورو ڌيان ان تي ڏنو ته بي اعتمادي جي ذريعي سليڪٽيڊ وزيراعظم کي ڪڍڻو آهي، تاريخ ۾ ائين ڪڏهن نه ٿيو ٿيو هو پر تمام سياسي جماعتن جي اتحاد سان اسان ۾ ڪامياب ٿياسين ۽ تاريخ رقم ڪئي ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم کي ووٽ جي ذريعي گهر موڪلي اتحادي وزيراعظم کي چونڊيو،  اسان جڏهن حڪومت سنڀالي ته اسان ارادو ڪيو ته جيڪي غلطيون پهريان ٿيون آهن انهن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون، سولين ادارن کي مضبوط بڻايون، پارليامينٽ جي وقار کي بحال ڪيو وڃي، جمهوريت کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ هاڻي تاريخ فيصلو ڪندي ته اسان ان ۾ ڪامياب ٿياسين يا نه، هن چيو ته اسان جڏهن حڪومت ۾ آياسين ته اسان کي هڪ اهڙي اپوزيش ملي جنهن کي نه جمهوريت جو فڪر  هو نه پارليامينٽ، نه ملڪ ۽ نه ئي ڪارڪنن جو فڪر هو ۽ انهن اپوزيشن ۾ رهندي پاڪستان جي اها ڊيڊ لائين پار ڪئي جيڪا ڪڏهن نه ٿي، ڇو ته جڏهن هڪ وزيراعظم ڦاهي چاڙهيو ويو  ۽ ٻن وزيراعظم کي جلاوطن ڪيو ويو تڏهن به ان قسم جي سياست نه ڪئي وئي، اسان کي اهڙي اپوزيشن ملي جنهن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جناح هائوس ۽ فوجي تنصيبن تي حملو ڪيو ۽ جڏهن اهڙو قدم کنيو ويندو آهي ته پوءِ رياست جي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ اهڙا ڪجهه قدم کڻڻا پوندا  آهن ته جئين ٻيهر اهڙو ڪم نه ٿئي، پر افسوس اسان کي جيڪو نظر اچي رهيو آهي اسان جي اپوزيشن ڪو سبق نه سکي رهي آهي، اپوزيشن جي سياست جو طريقو ۽ انداز اڄ به اهو ئي آهي يا مان کيڏندس يا ڪنهن کي نه کيڏڻ ڏيندس، هن چيو ته هاڻي اسان چونڊن طرف وڌي رهيا آهيون، پر سياسي جماعتن جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته اسان هن نظام کي ڪيئن هلڻ ڏينداسين انهن ڳالهين تي غور ڪري آئيندي جي حڪمت عملي جوڙڻ ضروري آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here