گهوٽڪي (رپورٽ عرفان علي سومرو) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ وزيراعظم جيڪو عوام کي چوندو هو ته هو هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ٺاهي ڏيندو ان عوام کي مڪمل طور تي مايوس ڪري ڇڏيو. گهوٽڪي ۾ ٻوڏ متاثرين کي مالڪاڻا حق ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان وزيراعظم کي 4 سال مليا پر اهو هڪ به گهر ٺاهي نه سگهيو. بلاول ڀٽو چيو ته نوڪرين ۽ گهرن جو واعدو ڪندڙن عوام کي مايوس ڪيو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي عوام سان جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا ويا. غريبن کي هن ملڪ ۾ اهي سهوليتون نه پيون ملن جنهن سان هو اڳيان وڌي سگهن. بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ حڪومت عوام دوست حڪومت آهي. اڄ کان پوءِ گهوٽڪي سردارن جو نه پر عام ماڻهن جو آهي. پڪن گهرن جي تعمير لاءِ آسان قرض ڏئي رهيا آهيون. اهڙا گهر ٺاهي ڏينداسين جيڪي ٻيهر ٻوڏ اچڻ سان نه ڪرندا. پرڏيهي وزير چيو ته ٻيهر موقعو مليو ته پاڪستان ۾ هر ڪچي گهر ۾ رهندڙن کي پڪا گهر ۽ زمين جو مالڪ بنائڻ جا منصوبا ٺاهينداسين. سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ٻوڏ متاثرين کي گهر ڏيڻ جو پروگرام جاري آهي. گهرن جي تعمير لاءِ عورتن جي نالي تي بينڪ اڪائونٽ کولينداسين.