اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڏنل سزا تي ڪا خوشي ناهي. پارليامينٽ سان الوداعي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪنهن به حڪومت لاءِ 16 مهينا مختصر ترين عرصو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ وڏا چئلينج ۾ مسئلا هئا، گذريل حڪومت جي ناڪامين ۽ نااهلي جو بار اسان تي پيو. هن چيو عمران نيازي پنهنجي ذات خاطر ملڪ کي قربان ڪرڻ چاهيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، آءِ ايم ايف معاهدي ۾ ڏکيائيون پيدا ڪيون. سندس چوڻ هو ته اسان جي حڪومت سياسي مخالفن کي جيل موڪلڻ ته پري جي ڳالهه پر انهن کي ناجائز طور تنگ به نه ڪيو، جيڪڏهن هڪ پارٽي جي ليڊر کي سزا ملي آهي ته اسان کي قطعي طور خوشي ناهي، دشمن کي به نه پٽڻ گهرجي پر الله جو رحم ۽ معافي وٺڻ گهرجي، ان تي مٺائي ورهائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڪنهن ائين ڪيو ته اها قطعي طور سٺي روايت ناهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 9 مئي تي شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، اهو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، 9 مئي تي جيڪو ٿيو اهو فوج ۽ آرمي چيف خلاف بغاوت هئي. هن چيو ته اڄ رات صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري موڪليندس، اپوزيشن ليڊر راجا رياض سان سڀاڻي ملاقات ڪندس، اڄ وري هن ايوان کي 9 مئي جي سازش جو نوٽيس وٺي ٺهراءُ منظور ڪرڻ گهرجي ته جيئن قيامت تائين ملڪ ۽ فوج خلاف ڪو اهڙي جرئت جو سوچي به نه سگهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here