اسلام آباد (م ڊ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته روسي تيل سان عوام کي اڃا فائدو ناهي پهتو پر ايندڙ ڏينهن ۾ پهچندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته 14 مهينن ۾ سسٽم ۾ 16 ڪروڙ 40 لک مڪعب فٽ گئس روز شامل ڪئي، ڪڏهن ته 13 ڪروڙ 20 لک مڪعب فٽ روز گئس وڌيڪ 6 مهينن ۾ شامل ٿي ويندي.هن چيو ته آذربائيجان مان هر مهيني هڪ ايل اين جي ڪارگو ايندو، اسان جي مرضي هوندي ته هر مهيني وٺون يا نه وٺون، ڪارگو مهانگو ٿيڻ تي اهو وٺڻ ڇڏي سگهون ٿا. سندس چوڻ هو ته تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ نون بلاڪس جون ٻوليون ڪرائينداسين، ملڪ ۾ ٽائيٽ گئس جي پاليسي به آڻي رهيا آهيون، وچ اوڀر جي هڪ ملڪ جي مدد سان 12 ارب ڊالرن تائين لاڳت سان ريفائنري لڳندي، جڏهن ته روسي تيل سان اڃا عوام کي فائدو ناهي پهتو، ايندڙ ڏينهن ۾ پهچندو.مصدق ملڪ وڌيڪ چيو ته پاڪ – ايران گئس لائل منصوبي تي پاڪستان تي ڏنڊ جون خبرون درست ناهن، پاڪستان عالمي پابندين سبب ڏنڊ جو مسئلو 10 سال اڳ ئي حل ڪري ورتو هو، پابنديون لاڳو ٿيڻ بنا مسئلي جو حل چاهيون ٿا، اسان پاڪ – ايران منصوبي جو حل چاهيون ٿا، ان منصوبي تي ايراني سفير سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون، پاڪستان کي توانائي جي ضرورت آهي.