لنڊن: (م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ(پي اي ٽي) جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري پاڪستاني سياست کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر طاهرالقادري پنهنجي سياسي مستقبل جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو. هن ان موقعي تي سياست کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته مان پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو، هاڻ مان مطمئن آهيان. ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو ته مان 22 ڪروڙ عوام کي آواز ڏنا، مون پنهنجن ڪارڪنن کي عوام جي حقن خاطر شهيد ڪرايو، اسان جو رت وهايو ويو. اسلام آباد ۾ 75 ڏينهن دوران روزاني آواز ڏني ته جيڪڏهن اوهان اڄ نه اٿيو ته ڪڏهن به نه اٿي سگهندو. دروازا بند ٿي ويندا. پي اي ٽي سربراهه وڌيڪ چيو ته مون ايترو ٻڌائي ڇڏيو آهي، هاڻ منهنجو ضمير مطمئن آهي، هاڻ مان سياست تي ڪوبه بيان نٿو ڏيڻ چاهيان. ياد رهي ته 4 سال اڳ به پاڪستان عوامي تحريڪ جي باني اڳواڻ علامه طاهرالقادري سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو. هن چيو هو ته اهو اعلان صحت سان جڙيل مسئلن ۽ تدريسي مصروفيتن سبب ڪيو ويو آهي.