پشاور (م ڊ) ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي خيبرپختونخواهه چيو آهي ته باجوڙ حملي ۾ ٽي ٽي پي ۽ داعش جي ملوث هجڻ جون شاهديون مليون آهن. جڏهن ته خيبر حملي ۾ ٽي ٽي پي ملوث هئي. خيبر ۾ مسجد ۾ ٿيندڙ آپگهاتي حملي بابت هن ٻڌايو ته انهي ڪارروائي ۾ 8 سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. حملي ۾ ٽي ٽي پي ملوث آهي. علي مسجد حملي جي منصوبه بندي ننگرهار ۾ تيار ڪئي وئي.ڊي آءِ جي موجب حملي واري ڏينهن واقعي واري هنڌان ٻئي آپگهاتي بمبار ابوذر کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جي نشاندهي تي ٻئي نيٽ ورڪ جي خبرپئي. آپگهاتي حملو ڪندڙ کي افغانستان مان آندو ويو ۽ هو افغانستان جو رهواسي هو. جنهن جي سڃاڻپ انصار جي نالي سان ٿي آهي. علي مسجد ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ غيرقانوني طور تي سرحد پار ڪئي. آپگهاتي بمبار ڪپڙا تبديل ڪري پوليس جي وردي پاتي جنهن کان پوءِ هو مسجد تائين آيو. حملو ڪندڙ کي 1000 روپيه ڏئي سوزوڪي ۾ سلطان خيل کان علي مسجد تائين آندو ويو. آپگهاتي بمبار کان ايف سي ۽ پوليس جون ورديون پڻ مليون آهن. هن ٻڌايو ته خيبر واقعي ۾ ٽي ٽي پي ملوث آهي. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي موجب باجوڙ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي ۾ ٽي ٽي پي ۽ داعش ٻنهي جي ملوث هجڻ جون شاهديون مليون آهن. سک ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ علماءِ جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به داعش ملوث هئي. باجوڙ ڌماڪي واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here