اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو الوداعي اجلاس اڄ طلب ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف صبح يارهين وڳي ڪابينا ميمبرن جو الوداعي اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ پندرنهن مهينن جي ڪارڪردگي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ يادگار جي لاءِ الوداعي فوٽو سيشن به ٿيندو.ان کان علاوه قومي اسيمبلي جو الوداعي اجلاس به اڄ منجهند ٻئين وڳي طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن جو گروپ فوٽو شام ساڍي پنجين وڳي ٿيندو.  اسيمبلي ميمبرن جو گروپ فوٽو ايوان جي اندر ۽ پارليامينٽ هائوس جي مرڪزي دروازي تي ٿيندو جڏهن ته شام جو ستين وڳي ميمبرن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويندو……

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here