اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فاشسٽ نريندر مودي ڀارت کي ان حقيقت جي باوجود مسلمانن ۽ ٻين اقليتن لاءِ هڪ غير محفوظ هنڌ بڻائي ڇڏيو اهي ته ملڪ ۾ 20 ڪروڙ مسلمان رهن ٿا جيڪي دنيا جي سڀ کان وڏي مسلم ابادين مان هڪ آهي پر هندو اڪثريت واري ملڪ ۾ اقليت ۾ آهن ڪشمير ميڊيا سروس طرفان آچر تي جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾چيو ويو ته ڀارت جي آزادي کان پوءِ آئيني تحفظ جي باوجود مسلمانن کي منظم امتيازي ورتاءَ، تعصب ۽ تشدد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي رپورٽ ۾ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ته مودي ڀارت جون پاليسيون هندو نظريي مطابق جوڙي رهيو آهي ۽ مسلمان ۽ ٻيون اقليتون ڀارت ۾ مسلسل ڊپ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن رپورٽ ۾ چيو ويو ته آر ايس ايس جي سرپرستي ۾ ڀارتي حڪومت اقليتن کي ختم ڪرڻ جي مشن تي اهي ۽ مودي جو خواب آهي ته ڀارت کي هڪ هندو رياست بڻايو وڃي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڀارتي مسلمانن کي ڳئون جو گوشت کائڻ يا جانورن جي چرپر جو بهانو بڻائي قتل ڪيو پيو وڃي رپورٽ ۾ماهرن جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته وزيراعظم نريندر مودي ۽ ڀارتي جنتا پارٽي جي دور ۾ جيڪو 2014 ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هندو قومپرست ايجنڊا تي عمل پيرا آهي ڀارت ۾ مسلم دشمن ڪاوڙ ۾ واڌ ٿي اهي 2019 ۾ مودي جي ٻيهر چونڊجڻ کان پوءِ حڪومت تڪراري پاليسين تي عمل پيرا آهي. مسلمانن جي حقن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ هڪ سوچيل سمجهيل رٿا تحت لکين مسلمانن کي شهريت جي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي انهن قدمن جي خلاف ڀارت ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيا ۽ پرڏيهي سطح تي ان جي مذمت ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڀارت ۾ 2021 ۾ به مذهبي آزادي جو نيگيٽو رخ جاري رهيو رپورٽ ۾ چيو ويو ته نسلي تشدد جي عالمي ماهرن خبردار ڪيو ته ڀارت پنهنجي ملڪ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن جي نسل ڪشي جي تياري ڪري رهيو آهي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ هڪ عالمي تنظيم جينوسائيڊ واچ به والاريل ڄمون ۽ ڪشمير بابت هڪ وارننگ جاري ڪئي اهي غير سرڪاري تنظيم جينوسائيڊ واچ نسل ڪشي جي شروعاتي مرحلن جون علامتون ڏسي اها وارننگ جاري ڪئي اهي رپورٽ ۾ چيوويو ته ڀارتي فورسز ڪشميري عورتن جي بي حرمتي، تشدد ۽ تذليل کي رياستي دهشتگردي جي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي رپورٽ ۾ چيوويو ته ڪشمير دشمن قدم ۽ شهريت جو نئون قانون بي جي پي جي مسلم دشمن ڪارروائين جو واضح مثال آهي ۽ مودي جي ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي خلاف نفرت وارن ڏوهن ۾ واڌ ٿي اهي رپورٽ مطابق مودي جي ڀارت ۾ مذهبي آزادي ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿيآهي ڇو ته بي جي پي جي قيادت ۾ ڀارتي حڪومت اقليتن جي خلاف آر ايس ايس جا نذريا لاڳو ڪري رهي آهي رپورٽ ۾ انساني حقن جي عالمي ادارن کان گهر ڪئي ته اهي ڀارت ۾ مذهبي اقليتن کي بچائڻ لاءِ اڳيان اچن رپورٽ ۾ عالمي برادري تي به زور ڏنو ويو ته هو ڀارت ۾ هندو ظلم جو نوٽيس وٺي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here