سکر (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ ايس آءِ يو ٽي ميڊيڪل ڪامپليڪس ۽ ٻارن جي اسپتال جو افتتاح ڪري ڇڏيو. تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سکر جي چلڊرين اسپتال جو افتتاح ڪيو ويو آهي، ايس آءِ يو ٽي جو افتتاح به ڪيو ويو آهي، اسپتالون قائم ٿيڻ سان عوام کي سهولتون ملنديون. هن چيو ته اسان سنڌ جي هر ضلعي ۾ صحت جا ادارا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عوام کي عالمي معيار جي مفت صحت سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي، اهو هر صوبي جو فلسفو هجڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر اديب رضوي جون صحت جي شعبي ۾ وڏيون خدمتون آهن، اسان جو خواب آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ميڊيڪل ڪامپلڪيس ٺاهيون، ڏکڻ ڪوريا جي مدد سان سکر ۾ ٻارن جي اسپتال قائم ڪئي وئي آهي، ٻارن جي موت جي شرح گهٽائڻ لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان صوبي جي هر شهر ۾ ٻارن جون اسپتالون ٺاهڻ چاهيون ٿا، چائلڊ لائف فائونڊيشن سان گڏجي ٻارن جي علاج لاءِ هر ضلعي ۾ قدم کنيا آهن، صوبي ۾ صحت جي شعبي ۾ انقلاب آندو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here