اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم فرض جي ادائيگي دوران حياتيون وڃائيندڙ صحافين لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ صحافين ۾ صحت ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان ڪوڊ ڊجيٽل ريپازٽري آف فيڊرل لاز موبائل ايپ ۽ ويب سائيٽ به جاري ڪئي. تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ان پورٽل سان پاڪستاني آئيني قلمن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا، ان پورٽل سان جج، وڪيل، قانوني ماهر، قانون جا شاگرد، حڪومتي اهلڪار ۽ عوام به فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ورڪنگ جرنلسٽس کي صحت ڪارڊ ڏنو پيو وڃي، ورڪنگ جرنسلٽ فرض جي ادائيگي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيندا آهن، صحافت جي ميدان ۾ اهو انقلابي قدم آهي.سندس چوڻ هو تنقيد جيڪڏهن حقيقتن جي بنياد تي ٻڌل هجي ته اسپيشل برانچ جي رپورٽ کان وڌيڪ فائديمند هوندي آهي، درست تنقيد سان مدد ملندي آهي، جڏهن ته حقيقتن جي ابتڙ تنقيد سان بگاڙ ٿيندو آهي. وزيراعظم شهباز شريف فرض جي ادائيگي دوران حياتيون وڃائيندڙ صحافين لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، ان خاص فنڊ سان صحافي جي وارثن کي 40 لک رپيا ڏنا ويندا.