لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي پارٽي چيئرمين لاءِ چيئرمين شپ جو عهدو تاحيات مختص ڪري ڇڏيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اهم اجلاس وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪور ڪميٽي گڏيل ٺهراءَ جي منظوري کانپوءِ چيئرمين جو عهدو تاحيات باني لاءِ مختص ڪري ڇڏيو.ڪور ڪميٽي جيل مان چيئرمين طرفان موڪليل هدايتن جي روشني ۾ آزادي ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جو به فيصلو ڪيو.پڌرائيءَ موجب تحريڪ انصاف طرفان ملڪ ۽ سڄي دنيا ۾ آزادي ڏهاڙي جي مناسبت سان تقريبون ٿينديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here