راولپنڊي (م ڊ) ميجر طفيل محمد شهيد جو 65 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پاڪ فوج، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس طرفان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ميجر طفيل محمد شهيد، نشان حيدر جو اعزاز ماڻيندڙ ٻيون شهيد آهي، هن 1958 ۾ دشمن جو مقابلو ڪندي شهادت جو جام پيتو. آءِ ايس پي آر موجب، ميجر طفيل جي شهادت اسانکي وطن جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي غير معمولي قربانين جي ياد ڏياري ٿي، قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي…….