اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته سندس خيال ۾ پاڪستان اندر نومبر ۾ چونڊون ٿي وينديون، وڌ کان وڌ هڪ يا ٻه مهينا اليڪشن ۾ دير ٿي سگھي ٿي. امريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته 9 آگسٽ جي شام تائين اسميبلي ٽوڙي ويندي جنهن کانپوءِ آئين موجب، 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ ضروري آهن. هن چيو ته پاڪستان اندر نومبر ۾ اليڪشن ٿي ويندي، پر مخصوص حالتن ۾ اليڪشن ڪميشن هڪ يا ٻن مهينن جي لاءِ اليڪشن ڪرائڻ ۾ دير ڪري سگھي ٿي پر کان وڌيڪ اليڪشن ملتوي نٿي ڪري سگھي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here