اسلام آباد (م ڊ) چيئرمين پي ٽي آءِ کي ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائيندڙ جج خلاف سوشل ميڊيا پوسٽ ڪرڻ تي وڪيل نعيم حيدر پنجوٿا کي ايف آءِ اي طلب ڪري ورتو. ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سرڪل جج همايون دلاور خلاف پوسٽ ڪرڻ تي چيئرمين پي ٽي آءِ جي وڪيل نعيم حيدر پنجوٿا کي اڄ صبح ڏهين وڳي ايف آءِ اي آفيس سيڪٽر جي 13 ۾ طلب ڪيو ويو آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو ته اڄ حاضر ٿي ڪري پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، غيرحاضري تي سمجهيو ويندو ته اوهان وٽ پنهنجي بچاءَ ۾ چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي. واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت جج همايون دلاور توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٽي سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي………….