ڪيف (م ڊ) جده ۾ سعودي عرب جي ميزباني هيٺ يوڪرين بحران بابت ٿيل سمٽ کي يوڪرين روس لاءِ ڌچڪو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پريس بريفنگ ۾ يوڪريني عملدارن چيو ته جده سمٽ ۾ رڳو يوڪرين جي تجويز ڪيل امن منصوبي تي غور ڪيو ويو. يوڪرين جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن ملڪن يوڪرين جي آزادي ۽ علائقائي سلامتي جي حمايت ڪئي.يوڪرين جي عملدارن موجب، سمٽ ۾ شريڪ ملڪن جي نمائندن ايندڙ 6 هفتن ۾ ٻي ملاقات تي اتفاق پڻ ڪيو. واضح رهي ته ڇنڇر ۽ آچر تي جده ۾ ٿيل ٻن ڏينهن واري سمٽ آمريڪا، چين ۽ ڀارت سميت 40 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي، جڏهن ته روس ڳالهين ۾ شرڪت نه ڪئي.