سرهاڙي ويجهو آچر ڏهاڙي ٽرين حادثي سبب معطل ٿيل اپ ٽريڪ بحال ٿي ويو جنهن کانپوءِ ٽرينن جي رواني شروع ڪئي وئي. ريلوي انتظاميا جي مسلسل 33 ڪلاڪن جي مسلسل ڪوششن کانپوءِ اپ ٽريڪ بحال ٿي ويو. اپ ٽريڪ بحال ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي کان پشاور ويندڙ خيبر ميل سميت مختلف اسٽشنز تي بيٺل ريل گاڏين کي منزل طرف روانو ڪيو ويو. واضع رهي ته ٻه ڏينهن اڳ خوفناڪ حادثي سبب 31 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا ها جڏهن ته حادثي جو ڪارڻ اڃان تائين سامهون ناهي اچي سگھيو……