ڪراچي(م ڊ) طالبان طرفان شهرن تي حملن کي روڪڻ لاءِ افغان حڪومت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۽ ٻين صوبن کان علاوه رات جو 10 وڳي کان صبح 4 وڳي تائين ڪنهن به چر پر جي اجازت نه هوندي، پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته طالبان ۽ افغان حڪومتي فوج جي وچ ۾ ٻن مهينن جي دوران بين الاقوامي فوج جي ملڪ کان نڪرڻ کانپوءِ جنگ وڌي وئي ۽ هڪ اندازي موجب عسڪريت پسند گروپ اڌ حصي تي قبضو ڪري ورتو آهي.