ڪنڊيارو (رپورٽر) ڪنڊيارو پبلڪ لائبريري ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف شاگردن ۽ نوجوانن ٽائون انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ سرمد شاھه، عامر سومري، سليم سومري، رحمان مڱرئي ۽ ٻين چيو ته هو پبلڪ لائبريري جي مسئلن جي حل لاءِ ڪافي وقت کان احتجاج ڪري رهيا آهن پر انتظاميا ڪي به قدم نه پئي کڻي. هنن چيو ته ڪافي ڀيرا ٽائون چيئرمين آڏو لائبريري مسئلن بابت زباني توڙي لکت ۾ شڪايتون ڪيون پر هن وقت تائين ڪوبه تدارڪ ناهي ٿي سگھيو. هنن چيو ته ٽائون لائبريري لاءِ 10 لک روپين جي مخصوص بجيٽ ڏيکاري شاگردن سان انگ اکرن جي راند کيڏي پئي وڃي جنهن ڪري شاگردن ۽ نوجوانن ۾ بيچيني ڦهليل آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته لائبريري لاءِ عمارت، بجلي، سولر، پاڻي ۽ ڪتابن جي کوٽ سميت ٻيا جائز مسئلا حل ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪندا.