اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمهوريت مضبوط ۽ پارليامينٽ جو وقار بحال ڪيو وڃي، سڀني سياسي جماعتن کان مطالبو آهي ته سياست ۽ رويو درست رکن، عوام روايتي سياست کان تنگ اچي چڪو آهي. پارليامينٽ جي اجلاس سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو اسان حڪومت سنڀالي ته اسان کي اهڙي اپوزيشن جماعت ملي، جنهن کي نه جمهوريت جي ڳڻتي هئي نه آئين جي، نظر اچي رهيو آهي ته اپوزيشن ڪو سبق نه پئي سکي، انهن جي سياست جو انداز اهو ئي آهي، انهن جي سياست جو انداز اهو آهي ته مان کيڏنس يا وري کيڏڻ نه ڏيندس، اپوزيشن جي به ذميواري آهي ته رويو درست ڪري.هن چيو ته اهڙيون ريڊ لائنز ڪراس ڪيون ويون، جنهن بابت ڪير سوچي به نٿو سگهي، اسان آمرن خلاف اپوزيشن ۾ به اهڙيون ريڊ لائنز ڪراس نه ڪيون، اسان هڪ ڳالهه تي زور ڏيندا هئاسين ته سڀني ادارن کي پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، 15 مهينن ۾ ادارن جي دائري ۾ ڪم ڪرڻ جو سلسلو آهي، ان ۾ اسان ڪامياب ناهيون ٿا.سندس چوڻ هو ته هاڻ اسان چونڊن ڏانهن وڌي رهيا آهيون، اسان کي رولز آف دي گيمز پاڻ ۾ طئي ڪرڻيون آهن، پ پ جو موقف آهي ته نئين نه سهي پراڻي ئي چارٽر آف ڊيموڪريسي تي ويهڻ گهرجي، منهنجي هڪ اپيل هئي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف اهڙا فيصلا ڪن، جنهن سان مستقبل ۾ منهنجي لاءِ ۽ مريم لاءِ سياست آسان ٿئي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين گرفتار ٿي چڪو آهي، جيڪو مڪافات عمل آهي، هو اڄ نه ته سڀاڻي آزاد ٿي ويندو.