ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا. ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيچ جي علائقي ۾ روڊ ڪناري بارودي سرنگهه جو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ گاڏي کي نقصان پهتو، ڌماڪي ۾ گاڏي ۾ سوار 7 ڄڻا مارجي ويا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي واري هنڌ پهچي علائقي جو گهيرو ڪري ورتو آهي.