لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ کان وڌيڪ ٻي ڪا به سيريز ناهي، چاهيون ٿا ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ جناح گانڌي سيريز ٿئي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ذڪاءَ اشرف چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت ويندي. هن چيو ته خواهش آهي ته ايشز جي طرز تي پاڪستان ۽ ڀارت جناح-گانڌي سيريز کيڏن، پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ کان وڌيڪ ٻي ڪائي سيريز ناهي. سندس چوڻ هوته اميد آهي ته ڀارتي بورڊ جلد پي سي بي سان بهترين لاڳاپن جي شروعات ڪندو، ڪپتان بابر اعظم، ڪوچ بريڊ برن ۽ فاسٽ بالنگ ڪوچ مورني مورڪل ايشيا ڪپ ۽ عالمي ڪپ تائين پنهنجي عهدن تي ڪم ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سمورن اڳوڻن چيئرمينز لاءِ بورڊ جا دروازا سدائين کليل آهن. پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ سعودي عرب ۾ پي سي بي ڪرڪيٽ ليگز لاءِ ڳالهه ٻولهه شروع ڪري چڪو آهي، پي ايس ايل کانپوءِ پي سي بي پنهنجي ٽي ٽين ليگ شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ايشيا ڪپ جي مقابلن لاءِ پي سي بي خاص تياريون ڪري رهيو آهي، راشد لطيف ڪائي آڇ ناهي ڪئي، هو مصباح الحق جي دعوت تي آيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ ذڪاءَ اشرف چيو ته قومي ٽيم جي رانديگرن کي 45 لک رُپيا ماهوار ڏيڻ جو فلحال فيصلو ناهي ٿيو، ايشيا ڪپ ۽ عالمي ڪپ جهڙن اهم ايونٽن کان اڳ رانديگرن جو ليگ ڪرڪيٽ کيڏڻ خطرناڪ آهي. هن چيوته اسان کي ڊپ آهي ته ايشيا ڪپ ۽ عالمي کان اڳ ليگ کيڏڻ ۾ ڪرڪيٽرز خمي ٿي سگهن ٿا، پر اڳوڻي بورڊ انتظاميا جي اجازت سبب ڪرڪيٽرز کي ليگ ڪرڪيٽ کيڏڻ کان نٿا روڪي سگهون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here