لاهور ( اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو چيف سليڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي طرفان قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ عظيم بيٽر انضمام الحق کي چيف سليڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، چارج سنڀالڻ کانپوءِ انضمام الحق افغانستان خلاف سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سليڪشن ڪميٽيءَ جي  جوڙجڪ کانپوءِ رانديگرن سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو ويندو. ذريعن موجب نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ وائيٽ ۽ ريڊ بال ڪيٽيگريز ختم ڪري رانديگرن جي معاوضن ۾ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جي تجويز آهي. ياد رهي ته انضمام الحق ان کان اڳ به پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو چيف سليڪٽر رهي چڪو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here