نئين آدمشماري موجب پاڪستان جي موجوده مجموعي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 90 هزار آهي، ملڪ ۾ آبادي ۾ واڌ جي سالياني شرح 2.55 سيڪڙو رهي، ڊجيٽل آدمشماري تحت ڪي پي جي ڪل آبادي 4 ڪروڙ 8 لک 50هزار، پنجاب صوبي جي آبادي 12 ڪروڙ 76 لک 80 هزار، سنڌ صوبي جي آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 90 هزار، بلوچستان جي آبادي هڪ ڪروڙ 48 لک 90 هزار، اسلام آباد جي آبادي 23 لک 60 هزار ظاهر ٿي آهي، نئين آدمشماري تحت خيبر پختونخوا صوبي ۾ سالياني واڌ جي شرح 2.38 سيڪڙو، پنجاب ۾ 2.53 سيڪڙو، سنڌ ۾ 2.57 سيڪڙو ۽ بلوچستان صوبي ۾ 3.20 سيڪڙو رهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي سي آءِ وفاق جي مضبوطي لاءِ هڪ اهم آئيني ادارو آهي، پاڪستان ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري بهترين طور تي مڪمل ٿي، جيڪو عمل سٺو سوڻ آهي، صوبائي حڪومتن ۽ آدمشماري ڪرائيندڙ اداري شماريات بيورو هن قومي فرض ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، گذريل 6 سالن ۾ ملڪ جي آبادي ۾ مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 50 لک جو اضافو ٿيو، جيڪو فڪر جو مامرو آهي، پاڪستان جي آبادي ۾ اضافي جو تناسب پاڪستان جي معاشي ترقي کان به وڌيڪ آهي، آبادي ۾ اضافو مختلف قسمن جون مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو، هي مامرو پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊيل حڪومت ۽ مستقبل لاءِ وڏو چيلينج آهي، اسان کي نه صرف آبادي ۾ اضافي کي روڪڻو پوندو پر پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار کي به وڌائي انهن چيلينجن تي ضابطو آڻڻو پوندو، آبادي ۾ اضافي جي موجوده رفتار انتهائي پريشان ڪندڙ آهي، اسان جي سمورن قومي ادارن ۽ صوبائي حڪومتن کي آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻا پوندا، ملڪ جا محدود وسيلا وڌندڙ آبادي لاءِ ناڪافي آهن، اگر آبادي جي شرح ۾ موجوده رفتار جاري رهي ته اسان جي تمام ڪوششن باوجود پاڪستان ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو، جنهن ڪري محفوظ مستقبل لاءِ اسان کي آبادي ۾ اضافي تي ضابطو آڻڻ ۽ موجوده آبادي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، جاري ڪيل پڌرائي مطابق سي سي آءِ جي اجلاس متفقه طور تي ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن جي منظوري ڏني، اجلاس ۾ تمام سياسي پارٽين جي اتفاق بعد آدمشماري جي نتيجن جي منظوري ڏني وئي آهي، ذريعن مطابق سي سي آءِ جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته نئين آدمشماري جي انگن اکرن جي منظوري باوجود قومي اسيمبلي ۾ صوبن جون آئين آرٽيڪل 51 ۾ ڏنل سيٽون ساڳيون برقرار هونديون، آئين ۾ موجود ساڳين سيٽن جي بنياد تي اليڪشن ڪميشن نئين آدمشماري جي انگن اکرن مطابق نئين تڪبندي ڪندي. سي سي آءِ ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن جي منظوري ته ڏئي ڇڏي پر چونڊن م دير ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ڪري خدشن کي ختم ڪري.