نوابشاهه: (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سرهاڙي لڳ ٽرين حادثي فوت ٿيل مسافرن لاءِ امدادي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته فوت ٿي ويلن جي وارثن کي 10 لک ۽ زخمين کي 2 کان 5 لک روپيه ڏنا ويندا. وڏي وزير چيو ته اسان جي پهريان ڪوشش هئي ته وڌ کان وڌ ماڻهن کي بچائي سگهجي. جنهن ۾ ڪالهه شام تائين سنڌ حڪومت مختلف ادارن سان گڏجي ريسڪيو جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي. ريلوي کاتي کي جنهن به قسم جي مدد جي ضرورت هوندي اها اسان ڏينداسين. پاڪستان ريلوي حادثي جي بهتر طريقي سان جاچ ڪندو. انتهائي افسوسناڪ سانحو پيش آيو آهي، حادثي يا تخريبڪاري جي حوالي سان هن وقت ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. ياد رهي ته حادثي کي 18 ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ ريلوي ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو آهي. شاليمار ايڪسپريس، گرين لائن، هزاره ايڪسپريس ۽ ٻيون ٽرينون پنهنجي منزل طرف روانيون ڪيون ويون آهن.