اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سي پيڪ کي اڳيان وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. مشهور چيني بينڪن ۽ ڪمپنين کي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. چين جي سرمائيڪاري سان پاڪستان جو معاشي منظر نامو تبديل ٿي ويو آهي. چيني ڪمپنين ۽ بينڪن پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ بهترين منصوبو آهي. چيني ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. سي پيڪ صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو اهم جز آهي، چيني ڪمپنين سي پيڪ ۾ 30 بلين ڊالر کان وڌيڪ جي سرمائيڪاري ڪئي، هاڻ اسان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. شهباز شريف چيو ته چين جي سرمائيڪاري سان پاڪستان جو معاشي منظرنامو تبديل ٿيو، ايس آءِ ايف معاشي ترقي جو روڊ ميپ آهي. آرمي چيف عاصم منير سي پيڪ کي اڳيان وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اسان کي پاڪستان جي نوجوانن کي روزگار ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻا آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ ماهرن ۽ عملي جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. ٻئي دوست ملڪ تعاون جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. پاڪستان ۾ سرمائيڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here