اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم نگران وزيراعظم جي لاءِ ڪامران ٽيسوري جو نالو تجويز ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ايم ڪيو ايم وفد جو استقبال ڪيو. ذريعن موجب ملاقات دوران وزيراعظم ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ نگران حڪومت ۽ موجوده صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي. وفد نگران وزيراعظم جي لاءِ ڪامران ٽيسوري جو نالو تجويز ڪيو آهي. وفد آدمشماري تي خدشا ختم ڪرڻ ۽ آدمشماري بابت تجويز جي شموليت تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم وفد کي ڪي اليڪٽرڪ جا مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ايم ڪيو ايم جي وفد ۽ وزيراعظم وچ ۾ ملاقات 20 کان 25 منٽ جاري رهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ملاقات دوران حيدرآباد يونيورسٽي جي لاءِ فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، سيد امين الحق شامل هئا. جڏهن ته وفاقي وزير سردار اياز صادق، ۽ بجلي بابت وفاقي وزير خرم دستگير به ملاقات ۾ موجود هئا.