اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي پارٽي جي صدارت تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب موجوده سياسي صورتحال تي اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس ختم ٿي ويو. اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي پارٽي جي صدارت تان هٽائڻ جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. اجلاس ۾ نئين آدمشماري کان پوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. عام چونڊن جي لاءِ نيتون تڪ بنديون ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ تي به غور ڪيو ويو. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن مشاورت ڪئي ته نئين آدمشماري جي تحت عام چونڊن ۾ ڪيتري دير ٿيندي. قانوني ٽيم اليڪشن ڪميشن کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي عدالت کان توشه خانه ڪيس ۾ سزا ملڻ کان پوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سزا يافته هجڻ تي هاڻ عمران خان پارٽي جو عهو نٿو رکي سگهي ان لاءِ اليڪشن ڪميشن قانوني طور تي عمران خان کي پارٽي جي چيئرمين شپ تان هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري. اليڪشن ڪميشن اجلاس دوران مشاورت ڪئي ته عام چونڊن لاءِ نئين آدمشماري ڪرائي وڃي يا نه. نئين آدمشماري دوران عام چونڊن ۾ ڪيتري دير ٿيندي؟ ان حوالي سان قانوني ٽيم اليڪشن ڪميشن کي بريفنگ ڏني.